حنيف صديقي

حنيف صديقي

حنيف صديقي



حنيف صديقي: سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب محمد حنيف صديقيءَ، 1905ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. 1915ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. 1920ع ۾ ’پفل اڪيڊمي شڪارپور‘ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي ڪري 1928ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. 1950ع ۾ ميرپورخاص ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ شڪارپور ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿي رهيو. محمد حنيف سنڌ حڪومت جي ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ۽ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو سيڪريٽري به رهيو. 1959ع ۾ رٽائر ٿيو. شڪارپور ۾ ٿيل 1933ع واري ’سنڌي ساهت سميلن’ ۾ بولچند راجپال جو سٺو سهڪاري رهيو ۽ انهيءَ موقعي تي آريه سڀيتا جي اهليت جي عنوان هيٺ بهترين مضمون پڙهيائين، محمد حنيف تاريخ تي ڪيترا اهم مقالا لکيا، محمد حنيف صديقيءَ جي مشوري تي سنڌ يونيورسٽيءَ 1962ع ۾ ’سنڌي اڪيڊمي‘ نالي ادارو قائم ڪيو، جيڪو اڳتي هلي 1965ع ۾ ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ ۾ تبديل ٿيو. هيءُ ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ جو ميمبر هو. سندس ٺهراءَ تي 26 ڊسمبر 1962ع تي ان وقت جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي نه فقط اها گهر قبول ڪئي، پر محمد حنيف کي سنڌي اڪيڊميءَ جو اعزازي ڊائريڪٽر به مقرر ڪيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبريري جيڪا هن وقت هڪ بهترين تحقيقي لائبريري ليکي وڃي ٿي، سا سندس رهنمائيءَ هيٺ جُڙي. هن انگريزيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾هيٺيان ڪتاب ترجمو ڪيا:
(1) ’سنڌ جي درٻار‘، جيمس برنس جي ڪتاب “ A Narrative of a Visit to the Court of Sindh” جو ترجمو (سنڌي ادبي بورڊ: 1964ع)،
(2) رچرڊ برٽن جي انگريزي ڪتاب “A Sketch of History of Cutch” جو سنڌي ترجمو،
(3) رچرڊ برٽن جي ڪتاب “Sindh and the Races that in Inhabit the valley of the Indus” جو ترجمو: ’سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون‘ (سنڌي ادبي بورڊ: 1971ع)،
(4) هينري پاٽنجر جي ڪتاب “Traveles in Balochistan and Sindh” جو سنڌي ترجمو: ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير ۽ سفر“ (سنڌي ادبي بورڊ: 1976ع)،
(5) سيٺ نائون مل جي ڪتاب :”Memories of Seth Nau mal” جو سنڌي ترجمو: ’يادگيريون‘، (سنڌي ادبي بورڊ، 1968ع).
محمد حنيف صديقي، 26 فيبروري 1967ع تي وفات ڪئي.


لفظ حنيف صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.02.26  عيسوي

محمد حنيف صديقي، 26 فيبروري 1967ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چوڌري رحمت علي
شير محمد خان ٻگهيو
جتوئي علي مراد
آر ڪي پرنگل
چنا هارون
ريحانه لغاري
ابن الاثير
پارپتي ماڙيچاڻي
آغا وقار پٺاڻ
ڄاموٽ شفقت حسين شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون